سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايس ايس پي تشدد ڪيس ۾ هڪ عدالت لاڏلي کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي

mariyam oranzaib

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايس ايس پي تشدد ڪيس ۾ هڪ عدالت لاڏلي کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي، ٻي عدالت ۾اهو شخص آهي، جيڪو آئين ۽ قانون  جي پاسداري ۾ هفتي اندر ٽي ٽي ڏينهن پيش ٿي رهيو آهي پر کيس پيشيءَ تان ڇوٽ ڏئي بيمار زال جي عيادت  جي اجازت به نه ٿي ڏني وڃي.

پنجاب هائوس ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ايس ايس پي تشدد ڪيس ۾ لاڏلي تي دهشتگردي  جا قلم  هئا، ان جي باوجود عدالت کيس ڇوٽ ڏئي ڇڏي، ٻي طرف آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندي نواز شريف هفتي ۾ ٽي ٽي ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي پر کيس ڪا به ڇوٽ نه ٿي ڏني وڃي.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته  مڙس ۽ نياڻي، ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ لنڊن وڃڻ چاهين ٿا پر کين اجازت نه ٿي ڏني وڃي.

مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته آصف زرداريءَ خلاف نيب ڪورٽ مان رڪارڊ غائب  ٿي ويو، سموري دنيا ڄاڻي ٿي ته ڪورٽ مان رڪارڊ ڪنهن گم ڪرايو.

هن چيو ته اها ئي نيب جنهن شخص خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهي، ريفرنس مٿان ريفرنس داخل ڪري رهي آهي، اڄ به صندوق ڀري آندي وئي آهي، جنهن جي چاٻي واجد ضياءُ  وث آهي پر ان صندوق ۾ ڪجهه به ناهي.

مريم اورنگزيب چيو ته هڪ دفعو وڏو وزير ۽ ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ خلاف ڪرپشن جو هڪ به ثبوت ناهي آيو، ان جي باوجود کيس عدالتن ۾ تاريخ مٿان تاريخ ڏئي رلايو وڃي ٿو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*