پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳواڻ نامياري وڪيل لطيف کوسه چيو آهي ته اڄ اڌ مسلم ليگ عدالتي حاضريون کائي رهي آهي

latif-khoso02-9

پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳواڻ نامياري وڪيل لطيف کوسه چيو آهي ته اڄ اڌ مسلم ليگ عدالتي حاضريون کائي رهي آهي، ڪاغذي شينهن عدالتن ۾ معافيون وٺن ٿا ۽ ٻاهر اچي ڀڀڪيون هڻن ٿا، سينيٽ چيئرمين خلاف بيان ڏيڻ تي وزيراعظم کي شرم اچڻ گهرجي، کانئس پڇاڻو ڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسه چيو ته اڌ مسلم ليگ عدالتن جون حاضريون کائي رهي آهي، عدالتن ۾ آزيون نيزاريون  ۽ ٻاهر اچي ڀڀڪيون هنيون پيون وڃن.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪا به پرڏيهي فنڊنگ ناهي، اها فنڊنگ ڪيس تي پنهنجو جواب جمع ڪرائي چڪي آهي.

هن چيو ته درخواست گذارن شوقيه فنڪاريءَ ۾ اسان جي خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن کي آئني طريقي سان ئي منهن ڏيون پيا.

لطيف کوسه جو چوڻ هو ته نواز شريف جو ڪيس پڄاڻيءَ واري پنڌ ۾ آهي، هو درخواستون ڏئي فراريت وارو رستو اختيار ڪرڻ گهري ٿو.

هن چيو ته نيب جي سفارشن باوجود نوازشريف جو نالو اي سي ايل ۾ نه وڌو ويو، جيڪڏهن نواز شريف خلاف ڪا ڳالهه ٿئي ٿي ته ان کي سازش سڏيو وڃي ٿو.

پ پ اڳواڻ لطيف کوسه چيو ته سينيٽ چيئرمين بابت ڏنل بيان تي وزيراعظم کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، اهڙو بيان ڏيڻ تي وزيراعظم کي شرم اچڻ گهرجي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*