5 ڪروڙ صارفين جو ڊيٽا غلط استعمال ٿيڻ واري اسڪينڊل سبب فيس بڪ جي شيئرز جو ملهه تيزي سان ڪِرِي رهيو آهي

facebook

5 ڪروڙ صارفين جو ڊيٽا غلط استعمال ٿيڻ واري اسڪينڊل سبب فيس بڪ جي شيئرز جو  ملهه تيزي سان ڪِرِي رهيو آهي، مارڪ زڪر برگ هڪ هفتي ۾ 10 ارب ڊالرز رقم کان محروم ٿي ويو.

فيس بڪ صارفين جو ڊيٽا غلط استعمال ٿيڻ واري اسڪينڊل جو سڌو سنئون اثر سماجي رابطي واري ويب سائيٽ جي باني مارڪ زڪر برگ جي اثاثن تي  پيو آهي.

فيس بڪ باني جي پگهار ته صرف هڪ ڊالر ماهوار آهي پر هو ڪمپني جي 403 ملين شيئرز  جو مالڪ آهي ۽ اهو ئي سبب اهي ته حاليه اسڪينڊل سامهون اچڻ کان پوءِ هو هڪ هفتي اندر 10 ارب ڊالرز جو نقصان کڻي چڪو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*