قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم سينيٽ چيئرمين سان ملڻ کان انڪار ڪري هڪ اداري جي توهين ڪئي آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم سينيٽ چيئرمين سان ملڻ کان انڪار ڪري هڪ اداري جي توهين ڪئي آهي، وزيراعظم جا الزام شرم جوڳا آهن، ادارن تي تنقيد واري معاملي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ نواز شريف جو طريقي ڪار هڪ آهي پر ڪيس الڳ الڳ آهن.

وزيراعظم طرفان سينيٽ چيئرمين سان ملڻ کان انڪار ۽ فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ اپوزيشن ليڊر چيو ته وزيراعظم کي سينيٽ چيئرمين سان ملڻ گهربو هو، وزيراعظم  سينيٽ چيئرمين سان ملڻ کان انڪار ڪري هڪ اداري جي توهين ڪئي آهي.

خورشيد شاهه چيو ته ڪرسي ايندڙ ويندڙ شئي آهي پر ادارا هميشه قائم رهن ٿا، ان ڪري وزيراعظم کي اهڙو رويو اختيار نه ڪرڻ گهرجي.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته وزيراعظم جا الزام شرم جوڳا آهن، وزيراعظم طرفان معتبر اداري جي چيئرمين خلاف اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ تي مذمت ڪريون ٿا.

هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ بابت وزيراعظم کي غلط فهمي آهي، جيڪا ختم ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم تي واضح ڪريون ٿا ته سينيٽ چيئرمين لاءِ اوپن ۽ ڪليئر ووٽ ٿيا، اپوزيشن جماعتن سميت نون ليگ جي ٽن ميمبرز صادق سنجراڻيءَ کي ووٽ ڏنو.

خورشيد شاهه چيو ته ڇا وزيراعظم سينيٽ جي رولنگ تي ايوان ۾ نه ايندو؟ ايوان ۾ اچڻ تي وزيراعظم جو رويو ڪهڙو هوندو.

هن چيو ته وزيراعظم گهرائڻ باوجود نه اچي ڇا پارليامينٽ جي توهين ڪندو؟ ڇا وزيراعظم  پارليامينٽ جي ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ڪندو؟

هن چيو ته وزيراعظم سميت نون ليگ کي ڇا ٿي ويو آهي جو اهي هر اداري جي توهين تي لهي آيا آهن.

هن چيو ته رضا ربانيءَ جي دور ۾ چيف جسٽس ۽ آرمي چيف ان ايوان ۾ آيا، سندن آمد سان پارليامينٽ جي وقار ۾ اضافو ٿيو، شڪ ۽ شبها ختم ٿيا.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ادارا حڪومت ۽ ملڪ کي مضبوط ڪن ٿا، ادارن جي توهين واري روش ملڪ کي نقصان پهچائيندي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته ايم ڪيو ايم فارق ستار جي هٿن مان نڪري وئي آهي، فاروق ستار کي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو مڃڻ گهرجي.

هن چيو ته فاروق ستار چيو هو ته هو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو تسليم ڪندو، هن اهو به چيو هو ته اهڙو معاملو آيو ته عوام ۽ سياست کي مايوس نه ڪنداسين پر  فاروق ستار پاران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي صديءَ جو بليڪ لا قرار ڏيڻ مايوس ڪن آهي.

هن چيو ته اهڙن ادارن کي تباهه ۽ تنقيد جو نشانو بڻائڻ  ملڪ ۽ رياست لاءِ صحيح ثابت نه ٿيندو.

خورشيد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم هڪ طرف ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي عوام کي مايوس ڪيو ته ٻي طرف هن سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي جي عوام ۾ وڇوٽيون پيدا ڪيون آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*