چيف جسٽس پاڪستان، جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حسين حقاني عدالت کي يقين ڏياري ڪيئن ڀڄي ويو

supreme court

چيف جسٽس پاڪستان، جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حسين حقاني عدالت کي يقين ڏياري ڪيئن ڀڄي ويو ؟ اهو عدالتي عزت جو معاملو آهي.

 سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ميمو گيٽ اسڪينڊل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 ان موقعي تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته حسين حقاني کي واپس آڻڻ لاءِ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جو چوڻ هو ته پرڏيهي ۽ خزاني واري وزارت کي خط لکيا آهن، حسين حقاني خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس گرفتاريءَ وارا وارنٽ جاري ڪرڻ وارو معاملو هلي رهيو آهي.

 چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هي معاملو ڊگهو نه ٿي رهيو آهي ؟ جنهن تي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني مان دستاويز اچي رهيا آهن.

چيف جسٽس سڀاڻي تائين سمورا دستاويز پورا ڪرڻ لاءِ هدايت ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پرڏيهي وزير ۽ گهرو وزير ٻئي اچي وڃن، عدالت هن مهل تائين واري اڳڀرائيءَ مان مطمئن ناهي.

عدالت پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي سڀاڻي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*