سپريم ڪورٽ راحيلا مگسي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ، راحيلا مگسي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ ن ليگ جي نئين چونڊيل سينيٽر راحيلا مگسي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

راحيلا مگسي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سموريون گهرجون پوريون ڪيون آهن پر ان باوجود سندس ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويو آهي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن کي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت، اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*