آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ اهلڪارن جو انگ تمام گهٽ آهي

AD-Khuwaja-171117

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ اهلڪارن جو انگ تمام گهٽ آهي، سال 2012 ۾ سنڌ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتيون ٿيون، جن جو رڪارڊ به نه هو، جڏهن ته سنڌ ريزروو پوليس ۾ به ڀرتي ڪيل 2606 اهلڪارن مان رڳو 138 ئي اميدوار ٻيهر ورتل ٽيسٽ پاس ڪري سگهيا.

سنڌ اسيمبلي جي گهرو کاتي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ضلعي پوليس عملدار شريڪ ٿيا.

هلندڙ سال جي ڪارڪردگي ۽ کاتي بابت بريفنگ ڏيڻ دوران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه انڪشاف ڪيو ته سال 2012 ۾ ڀرتي ڪيل اهلڪارن کان اين ٽي ايس ٽيسٽ ورتي وئي جنهن بعد 349 اميدوار بحال ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ ريزروو پوليس ۾ ڀرتي ڪيل 2606 اهلڪارن مان رڳو 138 اميدوار ورتل ٽيسٽ پاس ڪري سگهيا.

آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ ريزروو پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتيون ٿيون، جڏهن ته سال 2012 ۾ پوليس ۾ ڀرتي ڪيل اهلڪارن جو رڪارڊ به موجود نه هو، جنهنڪري اهلڪارن کي طرف ڪيو ويو.

اي ڊي خواجه چيو ته ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ اهلڪارن جو انگ تمام گهٽ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*