ڀارتي ٽيم ڪاميابين واري سلسلي کي جاري رکندي آئرلينڊ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پول بي جي هڪ ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ڪاميابين واري سلسلي کي جاري رکندي  آئرلينڊ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي 8 وڪيٽن تان  شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر هملٽن ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي 34 هين ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان وليم پورٽر فيلڊ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

آئرلينڊ جي اوپنرز بهترين انداز سان اننگ جي شروعات ڪئي ۽ 89رنز جي پارٽنر شپ قائم ڪئي.

ڪپتان وليم پورٽر فيلڊ 67 ۽ پال اسٽرلنگ 42 رنز اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا، جنهن بعد نيل اوبرائن 75رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهيو ، جڏهن ته بالبرائن 24رنز جي اننگ کيڏي.

ڀارتي ٽيم پاران محمد شامي 9 اوورس ۾ 41 رنز ڏئي 3، روي چندرن ايشون 38 رنز ڏئي 2، جڏهن ته اميش ياديوِ، موهت شرما، رويندرا جديجه ۽سريش رائنا هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڀارتي ٽِيم جي اوپنرز شيکر ڌاون ۽ روهت شرما جي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 174رنز جي پارٽنر شپ قائم ڪري ورلڊڪپ جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو آهي.

ان کان اڳ ڀارتي ٽيم جي اوپنرز 1996 جي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ڪينيا جي ٽيم خلاف 163رنز جي پارٽنر شپ قائم ڪئي هئي.

شيکر ڌاون ون ڊي ڪيريئر جي 8هين سنچري اسڪور ڪري هڪ سو رنز تي آئوٽ ٿي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته  روهت شرما 64رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو.

ورات ڪوهلي 44 ۽ اجنيڪا راهاني33 رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي  ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

شيکر ڌاون کي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*