وزيراعظم ۽ اسپيڪر سميت سڀ پنجاب جا آهن، سينيٽ جو چيئرمين سنڌ مان هئڻ گهرجي، اسفند يار ولي

عوامي نيشنل پارٽي، سينيٽ چيئرمين لاءِ پ پ پاران نامزد ڪيل سينيٽر رضا رباني جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، اسفند يار ولي چيو آهي ته وزيراعظم ۽ اسپيڪر سميت سڀ پنجاب جا آهن، سينيٽ جو چيئرمين سنڌ مان هئڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب،  اسفند يار ولي پاران وزيراعظم کي سينيٽ چيئرمين جو اميدوار اتفاق راءِ سان آڻڻ جي تجويز ڏني وئي.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسفند يار ولي چيو ته جمهوريت لاءِ رضا رباني جي ڪردار کان ڪو به انڪاري ناهي، رضا رباني جي خدمتن کي ڪو به فراموش نٿو ڪري سگهي.

اسفند يار ولي چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين اتفاق راءِ سان آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اسفند يار ولي چيو ته  وزيراعظم ۽ اسپيڪر سميت اهم عهدا پنجاب وٽ آهن، سينيٽ جو چيئرمين سنڌ ۽ ڊپٽي چيئرمين بلوچستان مان هئڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*