لاڙڪاڻي ۾ خوراڪ کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻي ۾ خوراڪ کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ملازمن علي دوست ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته سندن مسلسل احتجاج باوجود سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا ڏيڻ سان گڏ پگهارون ۾ اضافو ناهي ڪيو ويو، جيڪا نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سندن جائز مطالبا تسليم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*