شمسي توانائي تي هلندڙ هوائي جهاز دنيا جو چڪر لڳائڻ واري سفر دوران عمان ۾ ساهي پٽي ٻيهر سفر شروع ڪري ڇڏيو

شمسي توانائي تي هلندڙ هوائي جهاز دنيا جو چڪر لڳائڻ واري سفر دوران عمان ۾ ساهي پٽي ٻيهر سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن دوران جهاز پاڪستاني هوائي حدن ۾ به اڏام ڪئي آهي.

سوئٽزرلينڊ پاران تيار ڪيل “سولر امپلس ٽو” گذريل ڏينهن ابوظهبي مان سفر شروع ڪيو هو، جنهن بعد ان اومان جي گادي واري شهر مسقط ۾ اسٽاپ ڪرڻ بعد اتان ٻيهر سفر تي روانو ٿي ويو آهي، هن جهاز جو ايندڙ اسٽاپ ڀارتي شهر احمد آباد ۾ آهي، جنهن کان اڳ جهاز 6 ڪلاڪن تائين پاڪستاني هوائي حدن ۾ اڏام ڪئي آهي.

هڪ سيٽ واري“سولر امپلس ٽو” کي سوئٽزرلينڊ جا ٻه پائلٽ بـِرٽرينڊ پــِڪارڊ  ۽  آندري بورش برگ واري وٽي سان اڏائي رهيا آهن، سفر دوران کين واري واري سان رڳو 20 منٽ ننڊ ڪرڻ جي اجازت هوندي.

شمسي توانائي تي هلندڙ هي جهاز 5 مهينن دوران دنيا جو چڪر مڪمل ڪندو، جنهن ۾ 25 ڏينهن اڏام وارا هوندا، جڏهن ته جهاز 5 مهينن دوران 35 هزار ڪلوميٽر سفر ڪندو.

“سولر امپلس ٽو”  50 کان سئو ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندو، جڏهن ته ايٽلانٽڪ ۽ پيسفڪ سمنڊ ۽ مختلف کنڊن کي پار ڪندي جهاز کي لڳاتار 5 ڏينهن ۽ 5 راتيون سفر ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ وڏي تياري ڪئي پئي وڃي.

شمسي توانائي تي هلندڙ جهاز جا پر 72 ميٽر ڊگها آهن، جيڪي جمبو جهاز کان به وڏا پر آهن پر جهاز وزن تمام گهٽ 2 ڏهائي 3 ٽن آهي، جهاز جي پرن ۾ 17 هزار سولر سيل لڳايا ويا آهن، ۽ سج جي توانائي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ليٿيئم بيٽريون لڳايون ويون آهن، جيڪي رات جي وقت سفر لاءِ اهم هونديون.

شمسي توانائي تي هلندڙ جهاز ميانمار، چين، امريڪا، لاطيني امريڪا ۽ يورپ، آسٽريليا مان ٿيندو جولاءِ ۾ ابوظهبي موٽي ايندو، جيڪڏهن جهاز دنيا جو چڪر لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اهو نه رڳو نئون رڪارڊ هوندو پر توانائي جي متبادل ذريعن جي استعمال ۾ به وڏو بريڪ ٿرو هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*