آمريڪا ۽ روس وچ ۾ سفارتي جنگ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي

Russia to Expel 60 US 30318

آمريڪا ۽ روس وچ ۾ سفارتي جنگ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، روس به امريڪا جي 60 سفارتڪارن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪا طرفان سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي حڪمن کان پوءِ روس به 60 آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف طرفان ماسڪو ۾ مقرر آمريڪي سفير کي طلب ڪري سفارتڪارن جي بي دخلي جو نوٽيس  ڏنو.

روسي پرڏيهي چيو آهي ته آمريڪي سفير کي ٻڌايو آهي ته اهڙا قدم روسي سفارتڪارن جي نيڪالي جو جواب آهي.

ان کان علاوه روس سينيٽ پيٽرز برگ ۾ قائم آمريڪي قونصل خاني کي بند ڪرڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا برطانيا ۾ ترسيل اڳوڻي روسي جاسوس ۽ سندس ڌيءُ تي اعصابي گيس جي حملي جي ردعمل ۾ 60 روسي سفارتڪارن کي بي دخلي جو حڪم جاري ڪيو هو ۽ آمريڪي شهر سيٽل ۾ قائم قونصليٽ کي به بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

آمريڪا کان علاوه ڪينيڊا ۽ ڪيترن ئي يورپي ملڪن به روس جي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ روس به هر ملڪ کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*