شھدادڪوٽ ۾ نوجوان فورم پاران ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Shadadkot Protest Nadra NIC

شھدادڪوٽ ۾ نوجوان فورم پاران ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نوجوانن زيب سنڌي، ارشاد مڱڻھار ۽ سجاد ڪمبوھ جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو عمل غلط آهي، اهڙي عمل کي سنڌي ماڻهو برداشت نه ڪندا.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*