اسلام آباد ۾ مارگلا ٽڪرين ويجهو جهنگ کي باهه لڳي وئي آهي

Margalla Hills 30318

اسلام آباد ۾ مارگلا ٽڪرين ويجهو جهنگ کي باهه لڳي وئي آهي، جنهن کي وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن.

اسلام آباد جي مارگلا ٽڪرين ۾ فيصل مسجد جي پويان ۽ پير سوهاوا وٽ واقع جهنگ کي باهه لڳي وئي،

اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون، جيڪي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششن ڪري رهيون آهن،

جهنگ ۾ رستن جي نه هجڻ ڪري باهه وسائڻ ۾ ڏکيائون به پيش اچي رهيون آهن.

واضح رهي ته جهنگ کي نيشنل پارڪ جو درجو مليل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*