سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مقرري خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

Justice Qazi Faiz Esa 30318

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مقرري خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ 4 اپريل تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسي جي مقرري خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف عدالت ۾ هڪ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ چيف جسٽس بلوچستان هائيڪورٽ جي مقرري چيلنج ڪئي وئي هئي.

سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ان درخواست کي اعتراض هڻي واپس ڪري ڇڏيو، جنهن کي بعد ۾ چيسف جسٽس پنهنجي چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪندي رجسٽرار جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا هئا.

چيف جسٽس طرفان اعتراض رد ٿيڻ بعد درخواست ٻڌڻي لاءِ  مقرر ڪئي وئي آهي،

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اربع ڏهاڙي 4 اپريل تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*