وزيراعظم جو سينيٽ چيئرمين بابت بيان افسوس ناڪ آهي, شاهه محمود قريشي

Shah Mahmood Qureshi 30318

تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم جو سينيٽ چيئرمين بابت بيان افسوس ناڪ آهي، جيڪڏهن چيئرمين تي اعتراض آهي ته پوءِ سينيٽ چونڊن کي چيلنج ڪيو وڃي،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم بيان ڏئي مختلف صوبن مان چونڊيل 57 سينيٽرز جي ساک کي ڇيهو رسايو، 2013 ع جي چونڊن مان سکيو آهي ۽ تياري به ڪري رهيا آهيون،

هن چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر اهڙي نگران وزيراعظم کي چونڊيندا، جنهن تي سڀني جو اعتماد هوندو ۽ کيس شفاف چونڊون ڪرائڻ جو جذبو هجي،

تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته وزيراعظم وفاق جي علامت ايوان تي حملو ڪيو آهي، کيس پنهنجو بيان واپس وٺڻ گهرجي، انهيءَ بيان سان بلوچستان جي ماڻهن جي جذبن کي ڇيهو رسيو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته وزيراعظم کي سينيٽ چيئرمين تي اعتراض هو ته سينيٽ چونڊن کي چيلنج ڪري ها، هو چئي رهيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ خريد ۽ وڪرو ٿي آهي، هاڻ هو اليڪشن ڪميشن کي ثبوت فراهم ڪري.

شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي ۽ اسحاق ڊار چئي رهيو آهي ته ملڪي معيشيت مستحڪم ٿي رهي آهي.

وزيراعظم جي  آمريڪي دوري بابت هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم آهي، سندس آمريڪا ۾ سيڪيورٽي چيڪنگ جي مذمت ڪريون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*