پي آءِ اي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي درخواست تي شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اسپيشل اڏامن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

Khursheed Shah 30318

پي آءِ اي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي درخواست تي شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اسپيشل اڏامن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو، شهيد ڀٽو  جي ورسي تي مجموعي طور تي چار خصوصي اڏامون هلايون ويندو، 3 اپريل تي پي ڪي 347 لاهور کان 10 وڳي روانو ٿيندي، اسلام آباد مان 2 وڳي پي آءِ اي جي اڏام سکر لاءِ روانو ٿيندي.

پي آءِ اي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي درخواست تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اسپيشل اڏامن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو.

شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي چار خصوصي اڏامون هلايون وينديون، 3 اپريل تي پي ڪي 347 لاهور لاهور کان صبح 10 وڳي سکر  لاءِ روانو ٿيندي، جڏهن ته اهائي اڏام اسلام آباد 12 وڳي سکر لاءِ رواني ٿيندي.

3 اپريل تي پي آءِ جي اڏام پي ڪي 390 صبح 11 وڳي ڪراچي کان سکر لاءِ روانو ٿيندي.

4 اپريل تي سکر مان واپسي لاءِ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 372 تي رات 8 وڳي لاهور، اسلام آباد لاءِ روانو ٿيندي، جڏهن ته پي ڪي 391 اڏام رات 8 وڳي سکر کان ڪراچي لاءِ روانو ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*