انتظار قتل ڪيس ۾ جوابدارن ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي

intezar murder case

انتظار قتل ڪيس ۾ جوابدارن ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان  سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي عدالت درخواست تي سرڪاري وڪيل ۽ ٻين کي 9 اپريل لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾  انتظار قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جوابدار ۽ مقتول جو والد اشتياق احمد پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿيو.

جوابدارن، ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته هي ڪيس دهشتگردي جو نٿو ٿئي جنهن ڪري ڪيس سيشن عدالت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.

عدالت، درخواست تي سرڪاري وڪيل ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*