وزيراعظم نواز شريف سينيٽ چيئرمين لاءِ رضا رباني جي حمايت ڪندي پنهنجو اميدوار نه آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 وزيراعظم نواز شريف، سينيٽ چيئرمين لاءِ اپوزيشن پاران نامزد ڪيل رضا رباني جي حمايت ڪندي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ پنهنجو اميدوار نه آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته آصف علي زرداري مانجهاندي ۾ اچي يا ها کيس گهرائي ها ته خوشي ٿئي ها.

اسلام آباد ۾ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي بعد خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندس خواهش آهي ته سينيٽ چيئرمين  جي چونڊ سڀني جي مشاورت ٿيڻ گهرجي، جنهن لاءِ هن سمورن پارلياماني اڳواڻن کي گهرايو آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ پسند يا ناپسند واري روايت ختم ٿيڻ گهرجي، مشاورت سان فيصلن کي هاڻي دائمي بڻائڻ گهرجي، ڇو ته مشاورت سان فيصلا قومي مفادن کي سامهون رکي ڪيا ويندا آهن.

وزيراعظم چيو ته 2013 ۾ پر امن طريقي سان حڪومت جي تبديلي ٿي، حڪومتن جي اچڻ وڃڻ سان قومي اتفاق راءِ کي نقصان پهچڻ نه گهرجي.

نواز شريف چيو ته سينيٽ چيئرمين لاءِ رضا رباني جي نالي تي کين ڪو به اعتراض ناهي،  حڪومت رضا رباني جي نالي جي حمايت ڪري ٿي.

وزيراعظم نواز شريف اهو به واضح ڪيو ته مسلم ليگ ن سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ پنهنجو ڪو به اميدوار سامهون نه آڻيندي.

وزيراعظم نواز شريف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي پارلياماني اڳواڻن جي مانجهاندي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي معيار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آصف علي زرداري اڄ شرڪت ڪري ها يا هـُن کي گهرائي ها ته کيس خوشي ٿئي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*