سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايران جي سپريم ليڊر ۽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽريٽجڪ ڪائونسل جي مشير ڪمال ڪرزئي ملاقات ڪري ٻي طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي

CH-Sindh-Meet-Irani-30318

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايران جي سپريم ليڊر ۽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽريٽجڪ ڪائونسل جي مشير ڪمال ڪرزئي ملاقات ڪري ٻي طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.

وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان، ايران جي سپريم ليڊر ۽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽريٽجڪ ڪائونسل جي مشير ڪمال ڪرزئي وزيراعليٰ هائوس پهچي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻي طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

وڏي وزير چيو ته ايران اسان جو مسلم برادر ملڪ آهي ان سان تاريخي واسطا آهن، جنهنڪري ايران جي سيڙپڪارن کي دعوت آهي ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪري فائدو وٺن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*