اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته مني ٽريل ڏئي ڇڏي آهي پر ان مني ٽريل خلاف ثبوتن جا ڍير لڳايا ويا آهن

MaryamNawaz-18117

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته مني ٽريل ڏئي ڇڏي آهي پر ان مني ٽريل خلاف ثبوتن جا ڍير لڳايا ويا آهن،

احتساب عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي چيو اسان مني ٽريل ڏئي ڇڏي آهي.

هڪ صحافي سوال ڪيو ته اوهان مني ٽريل ڇو نٿا ڏيو؟ جنهن تي مريم نواز چيو ته اسان مني ٽريل ڏئي ڇڏي آهي، مخالف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، جي آءِ ٽي آڏو مني ٽريل ڏني آهي پر اسان جي مني ٽريل کي اسان جي خلاف ثبوتن جا ڍير لڳا ويا آهن.

صحافي سوال ڪيو ته ڇا الزام اهو آهي ته مريم نواز لنڊن فليٽس جي بينيفيشل مالڪ آهي؟ جنهن تي مريم نواز چيو ته رابرٽ ريڊلي جو بيان سڀني آڏو آهي پر آخري ريفرنس ۾ سڀ ڪجهه ميان صاحب مٿان وڌو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*