پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي رهيو آهي

imran khan

پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي رهيو آهي، ڪپتان جي آجيان لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ٻن ڏينهن جي دوري دوران عمران خان 12 هنڌن تي پارٽيءَ جي ميمبر سازي ڪئمپس جو دورو ڪندو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي رهيو آهي، جتي هو  شهر جي مختلف هنڌن تي پارٽي ميمبر سازي  ڪئمپس جو دورو ڪندو، عمران خان اڄ  سڀ کان پهرين لبرٽيءَ ۾ عورتن جي ميمبرسازي ڪئمپ جو دورو ڪندو.

ذريعن موجب ڪپتان رانديگرن کي به خطاب ڪندو، ان سلسلي ۾  عمران خان جي استقبال لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، شهر جي اڪثر علائقن کي پارٽي جي جهنڊن  سان سجايو ويو آهي، مختلف علائقن ۾ پارٽي اڳواڻن جي تصويرن وارا فليڪسز ۽ پوسٽرز لڳايا ويا آهن، جڏهن ته شهر پارٽيءَ جي رنگن سان رڱجي ويو آهي.

ذريعن موجب ٻن ڏينهن جي دوري دوران عمران خان 12 هنڌن تي ميمبر سازي ڪئمپس جو  دوو ڪندو.

 عمران خان خاص جهاز ذريعي لاهور ايئرپورٽ پهچندو، ان بعد هو يتيم خانا چوڪ، سبزه وار، سڳيان، شاهدره، جلو موڙ ۽ ڌرم پوره  ۾ ڪئمپس جو دورو ڪندو.

ان سلسلي ۾ شاهدره چوڪ تي ڪنٽينرز  رکي استقبالي ڪئمپ  ۽ اسٽيج به ٺاهي وئي آهي، جتي ڪپتان ڪارڪنن کي خطاب ڪندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*