اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ مارجي ويل فلسطيني مظاهرين جو انگ 17 ٿي ويو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي

Gaza 31318

اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ مارجي ويل  فلسطيني مظاهرين جو انگ 17 ٿي ويو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

اسرائيل جي سرحد ويجهو 30 هزار ماڻهن پاران والاريل فلسطين ۾ داخل ٿيڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

سڀني مظاهرين کي علائقي اندر داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اسرائيلي فوج خالي هٿين شهرين تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ۽ 1500 سخت زخمي ٿي پيا.

 ميڊيا رپورٽس موجب اڄ صبح وڌيڪ 2 شهري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي.

 ٻئي طرف فلسطين جي هاڻوڪي صورتحال تي گڏيل قومن جِي سلامتي ڪائونسل جَي اجلاس ۾ گڏيل بيان جاري ڪرڻ تي اتفاق راءِ قائم نه ٿي سگهيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل خطي جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ ڌرين کان مطالبو ڪيو ته ويڙهه ۾ عام شهرين خاص ڪري معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

 گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ڪويت جي درخواست تحت طلب ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*