علم جي جوت جلائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تان طالبان جي اک ۾ڪنڊو بڻجي ويل ملاله يوسفزئي ساڍن 5 سالن کان پوءِ سُوات پهچي وئي

Malala Yousafzaid in sawat 31318

علم جي جوت  جلائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تان طالبان جي اک ۾ڪنڊو بڻجي ويل ملاله يوسفزئي ساڍن 5 سالن کان پوءِ سُوات پهچي وئي، گل مڪئي  پنهنجي اباڻي گهر ۽ اسڪول به ويندي، ان موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

نوبل انعام يافته  ملاله يوسفزئي اڄ هيلي ڪاپٽر ذريعي اسلام آباد کان سُوات پهچي وئي آهي، سڌ سماءُ واري مملڪتي وزير  مريم اورنگزيب به ملاله  يوسفزئي سان گڏ آهي.

سخت سڪيورٽي ۾ سُوات پهتل گل مڪئي پنهنجي گهر  وڃڻ سان گڏ ان اسڪول ۾ به ويندي، جتي هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي هئي جڏهن ته هوءَ پنهنجي سهيلين سان پڻ ملندي.

 ياد رهي ته ملاله يوسفزئي چار ڏينهن جي دوري تي پاڪستان آيل آهي، کيس مختلف هنڌن تي آجياڻا ڏنا پيا وڃن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*