هڪ عورت گهر تي مبينا قبضي خلاف سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو

karachi supreme court registry 31318

هڪ عورت گهر تي مبينا قبضي خلاف سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سرجاني ٽائون واسي عورت صابره سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پهچي گهر تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عورت الزام مڙهيو ته اڻڄاتل جوابدارن پوليس جي سرپرستي ۾ سندس گهر تي قبضو ڪري کين دربدر ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته جوابدار گهر تان قبضو ختم ڪرڻ لاءِ 11 لک رپيا گهري رهيا آهن.

عورت، چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته کيس گهر خالي ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*