آزاد ڪشمير جي پونڇ ضلعي ۾ 3 هفتا اڳ گم ٿيل 16 سالن جي ناريءَ کي مبينا اجتماعي زيادتي کان پوءِ قتل ڪري جوابدارن تشدد ٿيل لاش برساتي نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو

Rape Case In AzadKashmir 31318

آزاد ڪشمير  جي پونڇ ضلعي ۾ 3 هفتا اڳ گم ٿيل  16 سالن جي ناريءَ کي مبينا اجتماعي زيادتي کان پوءِ قتل ڪري جوابدارن تشدد ٿيل لاش برساتي نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو.

پوليس موجب علي سوجل جي علائقي جبوته عليءَ ۾ 16 سالن جي هڪ ناريءَ جو تشدد ٿيل لاش برساتي نالي مان هٿ آيو.

ناريءَ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ناريءَ کي اجتماعي زيادتيءَ کان پوءِ قتل ڪيو ويو.

واقعي کان پوءِ مقتولڻ جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ناريءَ جي پيءُ الزام هنيو ته هن 3 هفتا اڳ پنهنجي نياڻيءَ جي گمشدگيءَ جي رپورٽ پوليس کي ڏني هئي پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*