گجرات ۾ ٽئين شادي ڪرڻ کان روڪڻ تي جوابدار پنهنجي خاندان جي 5 ڀاتين کي قتل ڪري پاڻ کي به گولي هڻي ماري ڇڏيو

Gujrat Murder Family 31318

گجرات  ۾ ٽئين شادي ڪرڻ کان روڪڻ تي جوابدار  پنهنجي خاندان جي 5 ڀاتين کي  قتل ڪري  پاڻ کي به گولي هڻي ماري ڇڏيو، قتل ٿيلن ۾ 4 معصوم ٻارڙا ۽ هڪ عورت شامل آهي.

پوليس موجب ڪڪرالي ٿاڻي جي حد ڀدر واري علائقي ۾ ياسر نالي شخص گهرو تڪرار تان پنهنجي ڀاڄائي، ڌيءُ، ٻن  ڀائٽين ۽ هڪ ڀائٽيءَ کي  فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.

مارجي ويلن ۾ 7 سالن جي مناهل، 6 سالن جو  زين، 7 سالن جي قائمه، 6 سالن جو حاشر ۽ 32 ورهين جي مقدس شامل آهن.

قتل جي لڱ ڪانڊاريندڙ واردات سبب علائقي ۾ خوف ۽ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  قتل جي واردات ۾استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪرڻ سميت ٻيا ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ياسر ٻه شاديون ڪيون، ذهني هم اهنگي نه هئڻ ڪري ٻنهي زالن کي طلاق ڏئي ڇڏي، جنهن بعد هن ٽئين شادي ڪرڻ  گهري ٿي، جنهن تي سندس ڀاءُ مبشر ۽ ڀاڄائي مقدس مخالفت ڪئي، شادي ڪرڻ کان روڪڻ تي  جواببدار ڪاوڙ ۾ اچي 5 گهر ڀاتين کي گوليون هڻي قتل  ڪري آخر ۾ پاڻ کي  ماري ڇڏيو.

پوليس موجب مارجي ويل عورت ۽ ٻارن جو پيءُ مدثر روزگار سانگي ڪجهه عرصي کان  پرڏيهه ۾ ترسيل آهي.

 پوليس موجب اسپتال مان ضروري ڪارروائي کان پوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، واقعي جي  مڙني پهلوئن کان جاچ ڪئي پئي وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*