جيڪب آباد ۾ هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي تي تشدد جو ڪيس سول لائين ٿاڻي تي پ پ تعلقي جي جنرل سيڪريٽري سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو

Jacobabad Hindo Punchat Protest 31318

جيڪب آباد ۾ هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي تي تشدد جو ڪيس سول لائين ٿاڻي تي پ پ تعلقي جي جنرل سيڪريٽري سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو.

هندو پنچائت ۽ چيمبرس آف ڪامرس جي وفد سول لائين ٿاڻي تي پهچي لال چند سيتلاڻي تي تشدد جو ڪيس پ پ تعلقي جي جنرل سيڪريٽري صابر جکراڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.

لال چند سيتلاڻي الزام هنيو چيو ته  پ پ اڳواڻ صابر جکراڻي بنگلي تي گهرائي 4 لک روپيا ڀتو گهريو، انڪار ڪرڻ تي مون مٿان تشدد ڪيو.

پ پ  اڳواڻ صابر جکراڻي چيو ته لال چند سيتلاڻي، رحيميار خان جي هڪ واپاري کان چئن لکن جو ڀاڻ گهرايو، جنهن کي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

هن چيو ته واپاري جي دانهن تي لال چند سيتلاني کي بنگلي تي گهرائي فيصلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي لال چند پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪندي رحيميار خان جي واپاري کي گهٽ وڌ ڳالهايو، جنهن کان پوءِ کيس بنگلي مان واپس ڪري ڇڏيو.

صابر جکراڻي چيو ته لال چند سيتلاڻي تي ڪو به تشدد نه ڪيو ويو آهي، الزام غلط آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*