ٺٽي ضلعي ۾ سپاهي جي پوسٽ تي ڀرتي لاءِ جسماني ٽيسٽ وٺڻ دوران تلخ ڪلامي ٿيڻ کانپوءِ پوليس اميدوارن تي لٺبازي ڪري ڏني

Thatta Police Test 31318

ٺٽي ضلعي ۾ سپاهي جي پوسٽ تي ڀرتي لاءِ جسماني ٽيسٽ وٺڻ دوران تلخ ڪلامي ٿيڻ کانپوءِ پوليس اميدوارن تي  لٺبازي ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اميدوار  رتو  رت ٿي پيا.

مڪلي جي  پوليس لائين ۾ٺٽي ضلعي جي 2 هزار  اميدوارن کان جسماني ٽيسٽ ورتي وئي.

پوليس لائين جي مين گيٽ آڏو ٽيسٽ لاءِ پهتل اميدوارن ۽ پوليس اھلڪارن وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي، جنهن دوران پوليس اهلڪارن لٺبازي ڪري ڪيترن ئي اميدوارن کي رتو رت ڪري ڇڏيو.

 متاثر اميدوارن پوليس جي اهڙي رويي خلاف سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي.

  هنن چيو ته ٽيسٽ لاءِ گهرائي مٿن لٺبازي ڪئي وئي ۽ نوڪري  ڏيڻ بدران سندن تذليل ڪئي وئي.

 هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*