سپريم ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي ميڊيڪل رپورٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو

Supreme-Court-Sindh-7317

سپريم ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي ميڊيڪل رپورٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائي ڇڏيو، عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ کي شرجيل ميمڻ جي صحت بابت ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ جو جائزو وٺي علاج جو فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ نئين جوڙيل ميڊيڪل بورڊ رپورٽ جمع ڪرائي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته شرجيل ميمڻ جي ميڊيڪل رپورٽس ۾ تضاد آهن، پر معائني کان اڳ ڪا راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي.

عدالت رپورٽ رڪارڊ ۾ رکندي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ميڊيڪل رپورٽس جو جائزو وٺي شرجيل ميمڻ جي علاج بابت فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*