خيبر پختونخواهه ۾ ٽمبر مافيا سرگرم آهي، عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته رضا رباني جي سينيٽ چيئرمين طور نامزدگي واري معاملي تي هو پارٽي سان مشاورت بعد ڳالهائيندو ۽ اين اي 122 تي نتيجا اچڻ بعد اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا.

ڪي پي ڪي جي چڪدره واري علائقي ۾ ٻيلي کاتي جي هڪ تقريب ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ٽمبر مافيا سرگرم آهي ۽ ٻيلن جي حفاظت لاءِ مقامي ماڻهن تي مشتمل نگهبان فورس جوڙيو پيو وڃي.

عمران خان چيوته رضا رباني جي سينيٽ چيئرمين طور نامزدگي واري معاملي تي هو پارٽي سان مشاورت بعد ڳالهائندو ۽ اين اي 122 تي نتيجا اچڻ بعد اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*