اوٻاوڙو ڀرسان چاچي ڪارنهن الزام ۾ ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو

اوٻاوڙو ڀرسان جوابدر چاچي ڪارنهن الزام هيٺ ڪوڏرن جا وار ڪري ڀائٽـِي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڳوٺ مِٺو ڀٽو ڀرسان جوابدر محمود ڀٽو ڪارنهن تهمت مڙهي نوجوان ڀائٽي روزينا کي ڪوڏرن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي مقتوله جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب  ڀائٽي کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*