سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀٽ شاهه ۾ پيرسن سان پرڻايل نينگري کي دارلامان موڪلي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀٽ شاهه ۾ پيرسن سان پرڻايل نينگري آمنه خاصخيلي کي دارلامان موڪلي ڇڏيو، ساڳئي معاملي ۾ ملير جي عدالت نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ شاهدن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جسٽس احمد علي شيخ  ۽ جسٽس اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ آمنه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

وارثن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت 18سالن کان گهٽ عمر واري ڇوڪري جي شادي ڪرائڻ غير قانوني آهي.

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نينگري آمنه کي دارالامان موڪلي ڇڏيو.

ٻئي پاسي ساڳئي معاملي ۾ ملير جي جڊيشل مئجسٽريٽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي حافظ محمد علي حسين اشرفي ۽ شاهدن جا ضمانت نه ٿيڻ جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*