سنڌ يونيورسٽي ۾ آرٽس فئڪلٽي ڀرسان ڪريڪر ڌماڪو ٿيو، ڪو به جاني نقصان نه ٿيوآهي، انتظاميا موجب ڌماڪو ڦٽاڪو ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي

hyd sindh uni

 سنڌ يونيورسٽي ۾ آرٽس فئڪلٽي ڀرسان ڪريڪر ڌماڪو ٿيو، ڪو به جاني نقصان نه ٿيوآهي، انتظاميا موجب ڌماڪو ڦٽاڪو ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي.

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو  جي آرٽس فيڪلٽي ڀرسان ڪچري جي ڍير تي دستي بم جو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

ڌماڪي سبب خوف پکڙجي ويو، ڌماڪي بعد پوليس، رينجرز ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌ پهڇي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ سرچنگ بعد علائقي کي ڪليئر قرار ڏنو، انچارج بي ڊي ايس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪريڪر جو آهي.

ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت واقعي واري هنڌ جو جائزو ڪرڻ بعد چيو آهي ته ڌماڪو  ڦٽاڪو ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪريڪر ڌماڪي واري خبر بي بنياد آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*