لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي

Lahore-High-Court-81116

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پنجاب جو وڏو وزير آئيني طور ٻن عهدن تي ڪم نه ٿو ڪري سگهي،

درخواستگذار چيو ته شهباز شريف ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو شريڪ چيئرپرسن به آهي، اهڙي نموني هن پنهنجي کنيل قسم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت اهل ناهي.

درخواستگذار اپيل ڪئي ته عدالت ميان شهباز شريف کي وڏ وزارت لاءِ نااهل قرار ڏي،

درخواستگذار استدعا ڪئي ته ڪيس جو فيصلو ٻڌڻ تائين کيس وڏي وزير جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي نااهلي بابت درخواست نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*