قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي

جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي، عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

نوشهري فيروز ۾ جسقم اڳواڻ الاهي بخش راڄپر سان عيادت ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي صنعان قريشي ۽ نياز ڪالاڻي چيو ته رياست شهيد بشير خان قريشي، مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جا قاتل وائکا نه ڪري سگهي آهي.

هنن چيو ته 21  مارچ تي شهيدن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو آهي، واپاري ۽ ٽرانسپورٽر ساٿ ڏئي پنهنجو ڪاروبار بند رکن.

هنن چيو ته سنڌ سرڪار صوبي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، بيروزگاري سبب نوجوان پريشاني جي ور  چڙهيل آهن.

سندن چوڻ هو ته  مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي جيئرو ساڙيو ويو، پر اڃا تائين سنڌ سرڪار سندن قاتلن کي وائکو نه ڪري سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*