سپريم ڪورٽ دوائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊريپ پاليسي بابت رپورٽ ڌرين کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سپريم ڪورٽ دوائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊريپ پاليسي بابت رپورٽ ڌرين کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته دوائن جي بنيادي قيمتون مقرر هئڻ گهرجن، ڦرلٽ نه ٿيڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ دوائون مهانگيون وڪرو ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي ودران دوائن واري ڪمپني جي وڪيل چيو ته اسان ڊريپ پاليسي جو جائزو وٺي رهيا آهيون.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته دوائن جي بنيادي قيمتون مقرر ٿيڻ گهرجن، ڦرلٽ نه ٿيڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته جيڪي اهو چوڻ چاهين ٿا ته اسان هليا وينداسين، ته پوءِ اسان هليا وينداسين، الله خير ڪندو.
عدالت ڊريپ پاليسي بابت رپورٽ ڌرين کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….