پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ شام لاڙڪاڻي شهر جو دورو ڪري رهيو آهي، پ پ چيئرمين شهر جي دوري دوران مختلف ماڻهن سان ملاقاتون به ڪندو
پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ شام لاڙڪاڻي شهر جو دورو ڪري رهيو آهي، پ پ چيئرمين شهر جي دوري دوران مختلف ماڻهن سان ملاقاتون به ڪندو.
لاڙڪاڻي ۾ پ پ چيئرمين جي سرگرمين واري شيڊول بابت مليل وڌيڪ ڄاڻ موجب ته، بلاول ڀٽو زرداري لاڏاڻو ڪري ويل پ پ اڳواڻ ايم اين اي اياز سومرو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ به ويندو ۽ اڄ رات پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي رهائش گاهه تي شهر جي معززين ۽ پارٽي اڳواڻن جي مان ۾ ڊنر واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ به سندس شيڊول جو حصو آهي، ان موقعي تي پ پ چيئرمين ميڊيا جي نمائندن سان به ڳالهه ٻول ڪندو………..