وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن کي شڪست ڏني، جنهن کي دنيا تسليم ڪيو

pm

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن کي شڪست ڏني، جنهن کي دنيا تسليم ڪيو، دهشتگردي جي جنگ ۾ اسان بينظير جهيڙي شخصيت به وڃائي، اسان جي فوج، پوليس، سياسي جماعتون۽عوام جي ڪوششن سان ملڪ اڄ پرامن آهي. پاڪستان بي مثال ترقي حاصل ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾ بين الاقوامي دهشتگردي جي خاتمي بابت فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين جانيون قربان ٿيون، ضرب عضب، رد الفساد ۽ ٻين آپريشن شهرين ۽ سرحدي قبائلي علائقن ۾ڪيا ويا، اسان پنهنجي سرزمين تي دهستگردن کي شڪست ڏني، جنهن کي دنيا تسلي مڪيو.

هن چيو ته پاڪستان کان علاه ٻيو ڪو به ناهي، جنهن کي 2 لک کان وڌيڪ فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حصو ورتو، اسان جي فوج، پوليس، سياسي جماعتون ۽ عوام جي ڪوششن سان ملڪ اڄ پرامن آهي. پاڪستان بي مثال ترقي حاصل ڪئي آهي.

وزيراعظم چيو ته پهريون ڀيرو 1800 عالمن جهاد جي معيٰ ۽ آپگهاتي  حملن تي فتويٰ ڏني، پاڪستان انتهاپسندي جو مقابلوڪيو ۽ ڪري رهيو آهي. چيلنجز هاڻ به موجود آهن پر هاڻ اسان کي اڌ ڀريل گلاس کي ڏسڻو آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ملڪ افغانستان ۾ امن جو خواهشمند نٿو ٿي سگهي، پاڪستان پهريون ڀيرو افغانستان جي سرحد تي ڪنڊي دار تار لڳائڻ شروع ڪئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*