پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سر اونچو ڪري عوام وٽ وينداسين

shahbaz shareef

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سر اونچو ڪري عوام وٽ وينداسين، ڪورٽ ڳالهائيندڙ ۽ يو ٽرن وٺندڙ قوم جو قيمتي وقت ضايع ڪيو،

لاهور ۾ چونڊيل نمائندن سان ڳالهائندي شهباز شريف چيو ته ڪوڙ ڳالهائندڙ هوش کان ڪم وٺن، ايندڙ چونڊن ۾ سر اونچو ڪري عوام وٽ وينداسين،

هن چيو ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ يو ٽرن وٺندڙ قوم جو قيمتي وقت ضايع ڪيو،

هن چيو ته 5 سالن کانپوءِ ن ليگ جي حڪومت عوام جي عدالت ۾ سرخرو آهي، بي بنياد الزامن جي سياست ڪندڙ ملڪ ۽ قوم لاءِ زهر قاتل آهن،

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته پنجاب ۾ تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آئي آهي،

شهباز شريف چيو ته اسان بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي، اسان جي حڪومت دل ۽ جان سان عوام جي خدمت  ڪندي رهندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*