سپريم ڪورٽ نوازشريف ۽ افتخار چوڌري خلاف توهين عدالت جي درخواست پيروي نه ڪرڻ سبب رد ڪري ڇڏي آهي

nawaz and iftikar chodhary

سپريم ڪورٽ نوازشريف ۽ افتخار چوڌري خلاف توهين عدالت جي درخواست پيروي نه ڪرڻ سبب رد ڪري ڇڏي آهي.

سپريم  ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ رياض راهي طرفان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ اڳوڻي چيف جسٽس (ر) افتخار محمد چوڌري خلاف توهين عدالت درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، جن کي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس مقرر ڪيو هو.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ته چيف جسٽس درخواستگذار رياض راهي کان پڇا ڪئي ته ڪيس جو معيار ڪهڙو آهي، ان بابت اوهان دليل ڏيو.

ايڊووڪيٽ رياض راهي عدالت کان پڇا ڪئي، جنهن تي کيس وقت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

عدالت رياض راهي ايڊووڪيٽ طرفان پيروي نه ڪرڻ تي درخواستون خارج ڪري ڇڏيون……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*