دڙو ۾ نوجوان سان پيش آيل انسانيت سوز واقعي ۾ ملوث 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو

darro

دڙو  ۾ نوجوان سان پيش آيل انسانيت سوز واقعي ۾ ملوث 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس مک جوابدار سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ دڙي ۾ هڪ هندو نينگر جئه پرڪاش کي ڪپڙن کان آجو ڪري ساڻس اجتماعي زيادتي ڪري سندس وڊيو  وائرل ڪندڙ  4 جوابدارن ارباب ابراهيم،  صالح ميمڻ،  سليم گگو ۽ امر وقار  خلاف  سجاول ٿاڻي تي متاثر نوجوان جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس مک جوابدار ارباب ابراهيم ۽ سميت ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*