پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ميمبر سازي جي مهم سلسلي ۾ اڄ نوابشاهه، کپرو ۽ شاهپور چاڪر پهچندو
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ميمبر سازي جي مهم سلسلي ۾ اڄ نوابشاهه، کپرو ۽ شاهپور چاڪر پهچندو، جتي ڪارڪنن کي خطاب ڪندو. انهي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
عمران خان پيپلز پارٽي جي چيئرمين آصف زرداري جي هوم گرائونڊ نواب شاهه جو اڄ دورو ڪري رهيو آهي، جتي ڪاڪنن کي خطاب ڪندو.
شاهپورچاڪر ۾ ميمبرسازي جي مهم سلسلي ۾ مين بس اسٽاپ وٽ جلسو ٿيندو.
جڏهن ته ڪپتان جي آمد تي ڪارڪنن شهرن کي جهنڊن سان سينگاري، تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.