وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هڪ پاسي نون ليگ جي عوام لاءِ خدمت ۽ ٻئي پاسي گارين ۽ ڪوڙ جي سياست آهي

pm

وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هڪ پاسي نون ليگ جي عوام لاءِ خدمت ۽ ٻئي پاسي گارين ۽ ڪوڙ جي سياست آهي، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ان کي ڪهڙي سياست گهرجي، حڪومت تي تنقيد ڪندڙ پهرين ٻڌائين  ته هو پاڻ ڪيترو ٽيڪس ادا ڪندا آهن؟، مخالف تنقيد بدران عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن.

خاران ۾ يڪ مچ-خاران شاهراهه جو افتتاح ڪرڻ بعد وزير اعظم جو چوڻ  هو ته ترقي رڳو ڪوڙن واعدن سان نه پر عملي ڪم ڪرڻ سان ٿيندي آهي. ن ليگ حڪومت بلوچستان مان پسماندگي ختم ڪندي.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ رستن جو ڄار وڇايون پيا، ماضيءَ ۾بلوچستان کي هر حڪومت نظرانداز ڪيو.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته حڪومتي وسيلا اتي خرچ ٿين، جتي ضرورت آهي،پاڪستان ۾ ترقي  جو ٻيو نالو نواز شريف آهي.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت آهي ۽ رهندي، ن ليگ کان سواءِ ٻين جماعتن ملڪي ترقي لاءِ ڪم نه ڪيو، اسان جي حڪومت سڀ کان پهرين اڻ مڪمل اسڪيمن کي مڪمل ڪيندي.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته گاريون ڏيندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي،هڪ طرف نون ليگ ۽ ٻي طرف گاريون ڏيندڙ  آهن، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ان کي ڪهڙي سياست گهرجي.

وزير اعظم چيو ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙ ٽيڪس ادا نه ٿاڪن، ٽيڪس چور  ئي  ايمنسٽي اسڪيم جي مخالفت ڪن پيا.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته ن ليگ حڪومت  ملڪ ۾ ٽيڪس رفارمرز آندو، ٽيڪس ادا نه ڪئي ويندي ته ان جو  بار عوام تي پوندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*