اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ هلندڙ سال ۾ جاري ويڙهه ۾ ٿيل واقعن جي جاچ ڪبي بان ڪي مون

اسرائيل ۽ فلسطين ۾ هلندڙ سال جهڙپين دوران غزه ۾ گڏيل قومن جي پناهگاهن تي اسرائيل حملن ۽ اتي موجود حماس جي هٿيارن واري معاملي جي جاچ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جاچ لاءِ 5 رڪني پينل جوڙي ورتي آهي.

ان موقعي تي گڏيل قومن جي ترجمان فرحان حق جو چوڻ هو ته جاچ ٽيم اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ هلندڙ سال 8 جولاءِ کان 26 آگسٽ تائين جاري ويڙهه ۾ ٿيل واقعن جي جاچ ڪندي.

 سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جاچ دوران اهڙن واقعن جو جائزو ورتو ويندو جنهن ۾ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ رهندڙ جڳهن تي جاني نقصان ٿيو هجي يا ماڻهو زخمي ٿيا هجن.

جاچ پينل جي سربراهي رٽائرڊ ڊچ جنرل پيٽرڪ ڪيميئرٽ  ڪندو ان کان علاوه جاچ ٽيم ۾ ارجنٽينا جي ماريه وِسين مِلبرن، آمريڪا جو  لِي اوبرين، ڪينيڊا جو پيري ليميلن ۽ ڀارت جو ڪي سي ريڊي شامل آهن.

واضع رهي ته غزه ۾ 50 ڏينهن تائين هلندڙ ويڙهه ۾ 2 هزار کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا جن ۾ اڪثريت ٻارڙن ۽ عورتن جي هئي جڏهن ته 67 اسرائيلي فوجين سميت 73 ڄڻا مارجي ويا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*