رينجرز ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي جي رپورٽ وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه ڏانهن موڪلي ڇڏي

 وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايتن بعد رينجرز ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي ڇاپي جي شروعاتي رپورٽ وڏي وزير ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڇاپي دوران اهڙا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جن جي پاڪستان ۾ اجازت ناهي، جاچ ڪئي پئي وڃي ته غير قانوني هٿيار نائين زيرو تي ڪيئن پهتا.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کان ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي ڇاپي جي رپورٽ طلب  ڪئي هئي.

ذريعن موجب، رينجرز پاران وڏي وزير جي هدايتن بعد شروعاتي رپورٽ وڏي وزير ڏانهن موڪلي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نائين زيرو تي ڇاپو ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي هنيو ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڇاپي دوران اهڙي قسم جا هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، جيڪي پاڪستان ۾ منع ٿيل آهن، جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهڙي قسم جا هٿيار پاڪستان ۾ ڪيئن پهتا.

ذريعن موجب، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڇاپي دوران غير قانوني هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گرفتارين جي حوالي سان به وڏي وزير کي رپورٽ ۾ آگاهي ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*