ڪراچي جِي سٽي ڪورٽ جَي مال خاني ۾ باهه لڳڻ جي واقعي بعد سٽي ڪورٽ کي اڄ مڪمل طرح بند ڪيو ويو آهي

khi city fire

ڪراچي جِي سٽي ڪورٽ جَي مال خاني ۾ باهه لڳڻ جي واقعي بعد سٽي ڪورٽ کي اڄ مڪمل طرح بند ڪيو ويو آهي، سڀني ڪيسز تي ٻڌڻيون معطل ڪيون ويون آهن.

 ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع سٽي ڪورٽ جي مال خاني ۾ رات دير سان باهه لڳي وئي هئي، فائر بريگيڊ گاڏين موقعي تي پهچي باهه کي وسائڻ جو عمل شروع ڪيو، ڪافي دير جي ڪوشش کان پوءِ صبح جو باهه تي ضابطو آندو ويو، جڏهن ته ڪولنگ جو عمل جاري آهي جنهن ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو.

 واقعي جو اطلاع ملڻ تي آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي به موقعي تي پهچي ويا، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جو چوڻ هو ته ظاهري طور باهه لڳڻ جو ڪارڻ شارٽ سرڪٽ محسوس ٿي رهيو آهي، جڏهن ته باهه تي مڪمل طرح ضابطو اچڻ بعد ئي نقصان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*