پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٿرڪول ۽ ٻين منصوبن جي افتتاح لاءِ اڄ ٿر جي دوري تي پهچي ويو

mithi air  port mai bhaktawar

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٿرڪول ۽ ٻين منصوبن جي افتتاح لاءِ اڄ ٿر جي دوري تي پهچي ويو، سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ ذخيري ۾ برابر جا ڀائيوار آهن، ٿر ڪول منصوبو سنڌ سان گڏ سڄي ملڪ جي خوشحالي جو منصوبو آهي پر وفاق طرفان ڪو به حصو ناهي ڏنو ويو.

اسلام ڪوٽ ڀرسان مائي بختاور جي نالي سان منسوب نئين قائم ڪيل ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه سال اڳ ٿر ۾ روڊن جو تصور به نه هو، اڄ کان ٿر ۾ ايئرپورٽ ڪم شروع ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ٿر ڪول منصوبو نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ لاءِ لاڀائتو ۽ ترقي وارو منصوبو آهي، پر وفاق ان لاءِ ڪو به حصو ناهي ڏنو.

وڏي وزير چيو ته ٿرڪول منصوبو 75 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، ان مان ملندڙ رائلٽي ٿر واسين تي خرچ ڪئي ويندي، ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ ذخيري ۾ برابر جا ڀائيوار آهن.

مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي ترقياتي ڪمن ۽ ٿر جي ايئرپورٽ جو جائزو وٺندو.

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٿر جي دوري تي پهچي ويو آهي، پ پ چيئرمين، اڄ ٿرڪول جي ماڊل ڪالوني، مائي بختاور جي نالي سان منسوب ايئرپورٽ ۽ ٻين منصوبن جو افتتاح ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*