اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وفاداريون تبديل ڪندڙن کي ماڻهن ووٽ نه ڏيندا

nawaz shareef mariyam

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وفاداريون تبديل ڪندڙن کي ماڻهن ووٽ نه ڏيندا، اڊيالا جيل وارن کي ڪيئن خبر پئي ته ڪو ماڻهو اچي رهيو  آهي، صفائي ڪن پيا.

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته اسان سان اهي وفادار گڏ آهن، جيڪي نسلن کان مسلم ليگ ۾ آهن.

نواز شريف چيو ته چاهيون ٿا ته نيب اليڪشن کان اڳ اميدوارن کي حراسان نه ڪري،نيب کي غير موثر بنائڻ لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪري نيب کي  غير موثر بڻائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا آهن.

نواز شريف چيو ته 2014 ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي شهر کي بند ڪيو ويو هو، شهباز شريف ڏکڻ پنجاب ۾ مثالي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.

هن چيو ته شهباز شريف ڏکڻ پنجاب ۾ اسپتالن ۽ ٽرانسپورٽ  سميت ٻين شعبن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.

نواز شريف چيو ته اڊياله جيل ۾ ڪير ويندو، اهو وقت ٻڌائيندو، چوڌري نثار بابت قوم ڄاڻي ٿي، 6 مهينن ۾ فيصلي لاءِ نه پر سزا لاءِ چيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*