سنڌ جَي اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ڪورنگي ضلعي ۾ 6 ايڪڙ زمين جعلي دستاويز تي الاٽمينٽ ڪرڻ بابت نئب ريفرنس ۾ سندس مٿان لڳايل الزامن کي هٿ ٺوڪيو قرار ڏئي ڇڏيو آهي

atc

سنڌ جَي اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ڪورنگي ضلعي ۾ 6 ايڪڙ زمين جعلي دستاويز تي الاٽمينٽ ڪرڻ بابت نئب ريفرنس ۾ سندس مٿان لڳايل الزامن کي هٿ ٺوڪيو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، احتساب عدالت ۾ صديق ميمڻ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس اصِيل جي خلاف ريفرنس بدنيتيءَ تحت داخل ڪيو ويو آهي.

   ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڪورنگي ضلعي جي 6 ايڪڙ زمين جعلي دستاويز تحت الاٽمينٽ ڪيس تي ٻڌڻي ٿي.

ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ ٻيا نامزد ڪيل جوابدار پيش ٿيا.

 عدالت کي نئب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته صديق ميمڻ سميت 12 جوابدارن کي ريفرنس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دليل مڪمل ڪندي صديق ميمڻ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس اصِيل بطور لينڊ ريگو لرائزيشن ذميواريون احسن نموني ادا ڪيون، ريفرنس بدنيتيءَ تي ٻڌل آهي.

سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽريءَ جي وڪيل پاران دليل مڪمل  ڪرڻ بعد عدالت نامزد ڪيل ٻين جوابدارن جي وڪيلن کي به دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 عدالت ڪيس تي ٻڌڻي 17 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*